ميرپورخاص ۾ ٻن ٻارن کي پوليو هجڻ جي تصديق، ڪراچي اسپتال ۾ داخل

news

ميرپورخاص:  ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع: ميرپورخاص جي علائقي سيال ڪالوني جي رهواسي چاڪر چوهاڻ جي 6 ساله پٺ عمران کي 20 نومبر تي پوليو جو خدشو ظاهر ٿيو هو.

جڏهن تي 22 نومبر تي ڊاڪٽرن جي خصوصي ٽيم ٻار جي رت جا نمونا وٺي ليباٽري ٽيسٽ لا۽ موڪليا هئا جنهن جي اڄ اسلام آباد مان رپورٽ آئي آهي جنهن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

۽ ڊگھڙي جي يونين ڪائونسل مير خدا بخش جي ڳوٺ اسلام الدين جي رهواسي عبدالقادر جي 3 ساله پٺ ريحان کي 17 نومبر تي پوليو جو خدشو ظاهر ٿيو.

جنهن جي رت جا نمونا پڻ ڊاڪٽرن جي ٽيم ليباٽري چڪاس لا۽ موڪليا انهن جي به اڄ رپورٽ ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي انهن حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نورالدين ٻڌايو ته گزريل مهيني ٻارن ۾ پوليو وائرس جو خدشو ظاهر ٿيو جنهن کانپو۽ انهن جي رت جا نمونا اسلام آباد ليباٽري چڪاس لا۽ موڪليا ويا هئا اڄ انهن جي رپورٽ ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.

انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهن ٻارن کي پوليو جا قطره ڏنا ويا هئا پر انهن ۾ جسماني ڪمزوري هئڻ ڪري موزي بيماري حملو ڪيو پر سٺي ڳاله اهيا آهي تي ٻئي ٻار پنهنجي پيرن تي هلي رهيا آهن علاج ڪري رهيا آهيون اميد آهي جلد صحتمند ٿي ويندا.