آرمي چيف جي ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان ملاقات

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ابوظهبي پهچي ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه متحده عرب امارات جي دوري دوران هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر، ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان ملاقات ڪئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب يو اي اي هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان جي آرمي چيف سان ملاقات دوران فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ شيخ محمد بن زيد النيهان جي ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.