وزيراعظم عمران خان روضه رسول صلعم تي حاضري ڏني، نفل ادا ڪيا

news

رياض: وزيراعظم عمران خان روضه رسول صلعم تي حاضر ڏني ۽ نفل ادا ڪيا.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سعودي عرب پهچي روضه رسول صلعم تي حاضري ڏني ۽ نفل ادا ڪيا. جتي هن ملڪي سلامتي جي لاءِ دعائون به گهريون.

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهچي ويو. رائل ٽرمينل تي رياض جي گورنر شهزاده فيصل بن بندر بن عبدالعزيز استقبال ڪيو.

جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان جو سفير راجا علي اعجاز، سعودي اختياريون، پاڪستاني سفارتخاني جا آفيسر به استقبال لاءِ موجود هئا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود به وزيراعظم سان گڏ هو.

عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري دوران سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم سعودي قيادت سان ملاقات ۾ پاڪ سعوديه تعلقات جي فروغ سميت ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.