گهوٽڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ ھٿان ڀيڻ فائرنگ ۾ زخمي، ڀاءُ گرفتار

news

گهوٽڪي: ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع: گهوٽڪي ويجهو گهرو اڻبڻت تان ناري مٿان فائر ڪري مرڻينگ حد جي پوليس زخمي ناري جي ڀاء کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

پوليس مطابق ته هي واقعو  ڳوٺ ميران عارباڻي ۾ پيش آيو آهي جتي ناري آسمه کي فائر ڪري زخمي ڪيو ويو آهي ، زخمي ناري کي گهوٽڪي اسپتال آڻڻ بعد کيس سکر اسپتال نيو ويو آهي.

واقعي بعد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس زخمي ناري جي ڀاء عبدالحڪيم عارباڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي واقعو گهرو اڻبڻت تان ٻڌايو پيو وڃي.

جڏهن ته ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.