بجلي هڪ رپيو ٽيهتر پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

news

اسلام آباد: فيول ايڊجسٽمينٽ بجلي واهيپدارن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون. بجلي مهانگي ڪري هر مهيني عوام جي کيسن مان اربين رپيا ڪڍيا پيا وڃن. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجسني هڪ دفعو وري بجلي هڪ رپيو 73 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. عوام تي 16 ارب رپين جو واڌو بار پوندو.

رپورٽ موجب بجلي هڪ رپيو 73 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي درخواست آڪٽوبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ به 3 ارب 53 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

نيپرا سي پي پي اي جي رخواست تي ٻڌڻي 26 ڊسمبر تي ڪندي. آڪٽوبر ۾ پاڻي مان 25.48 سيڪڙو، ڪوئلي مان 24.62 سيڪڙو، فرنس آئل مان 0.20 سيڪڙو جڏهن ته گئس مان 12.17 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي. درآمدي ايل اين جي مان 25.41 سيڪڙو ۽ ايٽمي ذريعن مان به 9.4 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.