ڪراچي جي نجي اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي رقص

news

ڪراچي: ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع: گلشن معمار جان محمدبروھي گورنمينٽ لوئر گرلز اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ لاء اسڪول جي شاگردن پاران سنڌي، بلوچي، پنجابي، ڪشميري ۽ خيبر پختون نخواھ جا لباس پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ان موقعي تي پروگرام ۾ آيل مھمان خاص پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شاھده رحماني، ضلع ايجوڪيشن آفيسر سراج الدين، ڪو آڊينيٽر منصور الاھي، ڊپٽي ايجوڪيشن، نگھت ياسمين، حاجي عالم، اللھ بچايو، مسز شميم، مسز شگفته، مسز گلناز، محمد حسن گبول، پرنسپل نورجبان، مسز انساء، مسز شمعيرا جاويد، مسز حميرا فھد، مسز پروين بشير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ثقافت هزارين سال قديم آهي , اسين پنهنجي ثقافت سان بيحد محبت ڪيون ٿا , هنن چيو ته سنڌي محبت ڪندڙ ۽ مهمان نواز آهن جيڪي پنهنجي ثقافت سان بيحد محبت ڪن ٿا.

هنن چيو ته اهڙا ثقافتي پروگرام ڪوٺائي دنيا کي ٻڌايون ٿا ته اسين پنهنجي ثقافت سان بيحد پيار ڪيون ٿا۔ سنڌ  جي اھا عظيم ڌرتي جنھن جي ھزارين ساله قديم تاريخ تھذيب ۽ ثقافت آھي سنڌ جا ماڻھون سخي ۽ مھمان نواز آھن جيڪي پنھنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت ڪن.

سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي، ھو پنھنجي ثقافت سان بچپن کان پيار ڪن ٿا، سنڌ جي ثقافت ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنھجي ھڪ الگ سڄاڻپ رکي ٿي.