شهدادپور ۾ گئس نه هجڻ سبب رهواسي سخت پريشان، ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور

news

شھدادپور: ڇنڇر 14 ڊسمبر 2019ع: تيل گئس ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال شھدادپور شھرجي الھيار ٽائون مھراڻ ٽائون مسلم ٽائون نئين بستي سھڻي ننگر ۽ علائقن اندر گھرن ۾  صبح منجھند ۽ رات جو گئس نہ ھئڻ برابر سبب رڌ پڇاء لاء  عوام پريشان ٿي عذابن ۾ پئجي ڪاٺين تي رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويو آھي.

اڪثر علائقن اندر اسڪولي ٻارڙا مزدور پورھيت ملازم ۽ ٻيا  بنا ناشتي ۽ نيرن جي  وڃڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي ان سلسلي ۾ شھرين احتجاج ڪندي چيو آھي تہ سوئي سدرن گئس انتظاميہ جي نااھلي سبب شھدادپور شھر اندر اڪثر وڏين ھوٽلن ۽ ٻين ڊھري علائقن اندررشوت عيوض ڪيترائي ڊائريڪٽ گئس جا ڪنيڪشن ڏئي ڇڏيا آھن.

جنھن سبب ميٽر وارن گھرن اندر گئس پريشر بلڪل زيرو ٿي ويو آھي ۽ عذابن ۾ آھيون ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ رڌ پچاء جي وقتن تي گئس جي بندش جو سختي نوٽيس وٺي گئس جي  چوري ٿيڻ تي سخت ڪاروائي ڪري گھرن ۾ گئس جو پريشر وڌائي ازالو ڪيو وڃي.