برطانوي ڊاڪٽر نواز شريف جي بيماري جي اڃا تائين تشخيص ناهن ڪري سگهيا: ڊاڪٽر عدنان

news

لنڊن: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته برطانوي ڊاڪٽر اڃا تائين نواز شريف جي بيماري جي تشخيص نه ڪري سگهيا آهن.

لنڊن ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ڪيترا ڏينهن لنڊن ۾ رهندو، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. لنڊن ۾ نواز شريف جي صحت کي هر رخ سان جاچيو پيو وڃي.

ڊاڪٽر عدنان جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو لنڊن جي 6 مختلف اسپتالن مان علاج جاري آهي. بريج اسپتال، گائز اسپتال، هارلي ڪلينڪ، رائل بروپمٽن، هارٽ ڪلينڪ ۽ ايڇ سي اي ۾ نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو پيو وڃي.

ڊاڪٽر عدنان ميڊيا کي ٻڌايو ته نواز شريف جي ايماٽولوجسٽ جي ٽيم اڃا تائين ڪليئر قرار ناهي ڏنو. نواز شريف جي دل ۽ شريانن جو مسلسل معائنو ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته پليٽ ليٽس غير متوازي ٿيڻ سبب نواز شريف جو ڪنهن به قسم جو پروسيجر نٿو ڪري سگهجي. نواز شريف کي آمريڪا وٺي وڃي سگهجي ٿو. آمريڪا ۾ نواز شريف جي دماغ کي خون مهيا ڪئي ويندڙ ڪروٽڊ آرٽري ۾ سٽنٽنگ ڪئي ويندي.