پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران بيٺل رڪشي ۾ ڌماڪو: پوليس اهلڪارن سوڌو يارنهن ڄڻا زخمي

news

پشاور: (سومر 16 ڊسمبر 2019ع) پشاور هاءِ ڪورٽ ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پشاور انتظاميا ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ ڀرسان بيٺل رڪشا جو سلينڊر زورداري ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جو آواز ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻڌو ويو ۽ ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي آسپاس سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ذريعن موجب سمورن زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ کين  شروعاتي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ڌماڪي جو اطلاع  ملندي ئي پوليس، ريسڪيو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي چڪيون آهن ۽ هاءِ ڪورٽ ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪيو ويو آهي.