ڊکڻ ۾ پ پ پ اڳواڻن طرفان فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ٿيڻ جي مٺائي ورهائي وئي

news

ڊکڻ (رپورٽ: شڪيل ڌاريجو) 17 ڊسمبر 2019ع: ڊکڻ ۾ پ پ اڳواڻ غلام اڪبر سانگهرو پاران پيپلزپارٽي پارٽي جي ايم پي اي ميڊم فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي.

ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ان موقعي تي غلام اڪبر سانگهرو. سليم جيهو ابڙو. ڪائونسلر وسيم علي ڪلر. ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊم فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

اسان ضلع شڪارپور پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خان ڪماريو جي حڪم تي ڪارڪنن ۽ جيالن ۾ مٺائي ورهائي آهي.

جڏهن ته ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي پارٽي جي ليڊرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن پيپلزپارٽي جا سڀئي اڳواڻ عوامي نمائندا آهن اسان هميشه انهن سان گڏ آهيون.