دنيا جو ٿڌو شهر نورلسڪ جتي هر ٽئين ڏينهن برف جو طوفان ايندو آهي

news

ماسڪو: (اربع 18 ڊسمبر 2019ع)  دنيا جو سڀني کان ٿڌو شهر نورلسڪ آهي جتي جي رهواسين کي هر ٽئين ڏينهن برفافي طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

هتان جي رهواسين جي همت کي داد ڏيڻ گهرجي جيڪي اهڙين حالتن جي باوجود انساني حيات کي بقا ڏيندي اتي زندگي گذاري رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب روس جو شهر نورلسڪ سال ۾ 270 ڏينهن برف سان ڍڪيل رهندو آهي ۽ هر 3 ڏينهن کان پوءِ هتي برف جو طوفان ايندو آهي.

هي ان 2 سائبيرين شهرن مان آهي جيڪي پورو سال بند رهندا آهن ۽ ٿڌ ۾ گرمي پد مائنس 61 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته سال جو گرمي پد مائنس 10 سينٽي گريڊ ٿيندو آهي جيڪو سائبريا جي هڪ ٻئي شهر ياڪوتسڪ جي برابر آهي.

نورلسڪ شهر ماسڪو کان 1800 ميل پري آهي ۽ هتي پهچڻ صرف جهاز يا ٻيڙي جي ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ هي ٻئي دنيا کان ايترو ڌار آهي جو هتان  جا رهواسي روس کي مين لينڊ چوندا آهن.