پوليو جي خاتمي واري ٽيمن تي تشدد ۽ حلمو، ٻه پوليس اهلڪار شهيد

news

خيبرپختونخواهه (18 ڊسمبر اربع 2019) : خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سان پوليو جي خاتمي واري ٽيم جي ڪمپئن ڊيوٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پوليس موجب فائرنگ کان پوءِ ملزم ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

جڏهن ته سندن ڳولا جاري آهي، واقعي بعد پوليس علائقي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ گهر گهر سرچ آپريشن ڪيو. ٻي پاسي پنجاب ضلعي سرگوده ۾ پڻ پوليو ٽيم تي حملي ۽ تشدد جو واقعو پيش آيو آهي.