نئون ديرو ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ٻارهين ورسي تقريب بابت پيپلز يوٿ جو اجلاس

news

نئون ديرو: اربع 18 ڊسمبر 2019ع: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ٻارهين ورسي تقريب کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پيپلز يوٿ جو اجلاس ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سنڌ جي صدر جاويد ناياب لغاري جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪراچي حيدرآباد لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن سميت سنڌ مختلف ڊويزن ضلعن ۽ شهر جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ٻارهين ورسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ جيالا ڪارڪن راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ورسي جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي جاويد ناياب لغاري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي عظيم ليڊر هئي جنهن هن ملڪ جي غريب عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي.

27 ڊسمبر تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 12 سال پورا ٿيندا جنهن جي ٻارهين ورسي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ پيپلز يوٿ جا نوجوان ڪارڪن پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ راولپنڊي لياقت باغ واري جلسي گاهه ۾ گڏ ٿيندا.

ان موقعي تي شفقت علي ميراڻي، مسرور راڄپر، آفتاب جکراڻي، مهراڻ خان ناريجو، منصور سومرو، خالد ڪريم مڱريو، تيمور مهر طارق بليدي عمران جتوئي حليم ناريجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.