ميرپورخاص ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي هدايتن تي ٽريفڪ پوليس جو ڪارروايون

news

ميرپور خاص : خميس 19 ڊسمبر 2019ع: ڊي آء جي ميرپور خاص ثاقب اسماعيل ميمڻ ۽ ايس ايس پي ميرپور خاص جاويد احمد بلوچ جي خاص هدايتن تي ٽريفڪ  پوليس جون ڪارروايون ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف 500 کان وڌيڪ مختلف گاڏيون چالان,  2 لک 85 هزار ڏنڊ.

  تفصيل موجب ڊي آء جي ميرپور خاص ثاقب اسماعيل ميمڻ ۽ ايس ايس پي ميرپور خاص جاويد احمد بلوچ جي خاص هدايتن ٽريفڪ سارجنٽ دلشاد خاصخيلي ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ قانون  جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون.

هلندڙ مهيني دوران ڪارروائن دوران 500 کان مٿي مختلف گاڏين کي چالان ڪري 2 لک 85 هزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو,  ان موقعي تي  ٽريفڪ سارجنٽ دلشاد خاصخيلي چيو ته ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن ۽ جاري رهنديون.

اسان جي ڊيوٽي آهي ته ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪيون ۽  ڪاررواين بعد ٽريفڪ جو نظام بهتر ٿي رهيو آھي.