سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني سيوهڻ پھتو، قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري

news

سيوھڻ: جمعو 20 ڊسمبر 2019ع: سنڌ اسيمبلي جي اسپیڪر آغا سراج دراني نیب جي قید مان آزاد ٿيڻ بعد پھريون دفعو سیوھڻ  پھچي قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ۽ زائرین ۾ لنگر پڻ تقسیم ڪيو.

تفصيل موجب اسپیڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ڪراچی کان سیوھڻ  پھچي  سنڌ جي عظیم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار تي حاضري ڏئي فاتح خواني  ڪئي.

ان  موقعي تي اسپیڪر سنڌ اسيمبلي آغاسراج دراني  درگاھ قلندر تي میڊیا سان  ڳالھائيندي چيو ته   چیئرمین بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جو شڪرگذار آھيان ، ۽ ان سان گڏ میڊیا جو  به شڪرگذار آھيان، میڊیا ٽرائل ڪري بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ پر میڊیا وارن پازیٽو شيون ڏيکاريون.

ھن چيو ته مان قلندر لعل شھباز جو به  شڪریو ادا ڪرڻ آیو آھيان ۔ ھڪ  سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته  پرویز مشرف جو ڪیس مون  پڙھيو  ناھي۔ جيستائين مشرف جو فیصلو پڙھندس ئي نه  ته  ان  بابت ڇاڳالھايان۔ ھن وڌيڪ چيو ته نیب  ڪوبه  ڏوھ ثابت ڪري ھا ته ضمانت تي آزاد نه ٿي سگھان ھا.

بلاول ڀٽو زرداری اچڻ واري وقت جو وزیراعظم ٿيندو ۔ مون کي ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي ته  ملڪ جي سیاسی صورتحال  ڪھڙي طرف وڃي رھي آھي ۔اسان  چاھيون ٿا ته  احتساب ٿيڻ گھرجي پر ھي جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي اھو احتساب ناھي ۔موت  جي سزا وارو قانون   آئین ۾ آھي.

پر وڌيڪ قانون جي مون کي خبر ناھي پر جيڪو آئین جو فیصلو ھوندو  اھوئي ٿيندو بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني قلندر جي مزار تي زائرین ۾ لنگر تقسیم ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو.