پرويز مشرف تڪليف ۾ آهي ته نيب مان ردعمل ته اچڻو هو: بلاول ڀٽو

news

پشاور: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ نه عوام، نه صحافت ۽ نه سياست آزاد آهي. اسان انگريزن ۽ آمرن کان آزادي ان لاءِ نه ورتي هئي ته ڪنهن سليڪٽيڊ جا غلام بڻجون.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پشاور ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عوامي راڄ جي لاءِ شهادتون قبول ڪيون، افسوس سان چوڻو پوي پيو ته هي اها جمهوريت ناهي جنهن جي لاءِ اسان جي ڪارڪن ڪوڙا کاڌا.

بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته اسان کي پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻي آهي، اسان ڪنهن سليڪٽيڊ جا غلام بڻجڻ جا لاءِ تيار ناهيون. 2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيو ته اهو آر او از جا اليڪشن آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ سڀني ڏسي ورتو ته تاريخي ڌانڌلي ڪئي وئي.

هن جو چوڻ هو اسان پهرين جماعت هئاسين جنهن قومي اسيمبلي ۾ چيو ته توهان اليڪٽيڊ نه سليڪٽيڊ آهيو، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، جنهن ۾ نه صاف ۽ شفاف اليڪشن جو موقعو ملي ٿو، نه ئي احتجاج ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو. 27 ڊسمبر جو راولپنڊي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي جي حوالي سان بلاول ڀٽو چيو ته اسان فيصلو ڪري ورتو آهي ته راولپنڊي ۾ وڃي دنيا کي قائل ڪنداسين ته طاقت جو سرچشو عوام آهي ۽ جيڪڏهن ان ملڪ ۾ حڪمراني هوندي ته عوام جي مرضي جي حڪمراني هوندي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف تڪليف ۾ آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) مان ردعمل ته اچڻو هو، اهي سمجهن ٿا ته نيب جي ڪري اسان ڊڄي وينداسين، اها انهن جي ڀُل آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪٺ پتلي سليڪٽيڊ اسان جي پنڊي اچڻ تي ڊڄي ويو آهي، ان نوٽيس موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اسان ته ايوب، ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ”توهان ته ڪٺ پتلي آهيو، سليڪٽيڊ آهيو، نه مشرف ڪامياب ٿيو، نه توهان ڪامياب ٿيندا، پيپلزپارٽي جا جيالا بهادر آهن، اهي ڪنهن نيب نوٽيس کان نٿا ڊڄن.“

حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سليڪٽيڊ ته واعدو ڪيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو وڌيڪ روزگار کسي رهيو آهي، هن واعدو ڪيو هو ته پنجاهه لک گهر بڻائينداسين، انڪروچمينٽ جي نالي تي غريبن جا اجها کسيا پيا وڃن.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اها عجيب حڪومت، عجيب ڪابينا آهي، برطانيا جو شهري به توهان جي ڪابينا جو ميمبر آهي. هاڻ حڪومت عوام جي بڻجندي ۽ عوام جي حڪمراني هوندي.

ياد رهي ته نيب راولپنڊي بلاول ڀٽو کي 24 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي ۽ ان کي بطور ڊائريڪٽر زرداري گروپ گهرايو ويو آهي.