سجاول ۾ صوبائي وزير شبير خان بجاراڻي جي کلي ڪچھري،ماڻھن مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا

news

سجاول : آچر 20 ڊسمبر 2019ع: سجاول ۾ صوبائي وزير شبير خان بجاراڻي جي کلي ڪچھري،ماڻھن مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا.صحت،صفائي،روڊ رستن بدانتظاميءَ بابت مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، سجاول ۾ ڊي سي آفي س سجاول گرائونڊ تي صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي کلي ڪچھري جي تقريب منعقد ڪئي وئي.جنھن ۾ سجاول سميت ، چوھڙجمالي، جاتي، شاھبندر ، ميرپور بٺورو سميت ٻين علائقن مان ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.کلي ڪچھري ۾ سجاول ضلعي جي عوام شڪايتن جا انبار لڳائي صوبائي وزير آڏو مسئلا پيش ڪيا.

شڪايتون ڪندڙ ماڻھن جو چوڻ هو ته سجاول کي ضلعو ٿيندي 8 سال ٿي ويا آھن پر اڃان تائين ضلعي واريون سھولتون ناپيد آھن.نہ آفيسرن جي ويھڻ لاءِ آفيسون آھن ۽ نہ ئي ٽريزري قائم ٿي سگھي آھي.تعلقہ اسپتال سجاول کي اپ گريڊ نہ ٿو ڪيو وڃي.اسپتال سڄو سال دوائن جي کوٽ رھندي آھي جڏھن تہ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر بہ مقرر نہ آھن.روڊ رستا ھلڻ جھڙا نہ رھيا آھن.روڊن جي 10سالن کان مرمت بہ ٿي سگھي آھي.ڪيترائي اسڪول بند ۽ ضلعي ۾ سوين  استادن جون جايون خالي پيل ھجڻ ڪري اسڪول بند پيل آھن.ٻھراڙيء جي اسڪولن سميت شھر ۾ بہ فرنيچر ۽ عمارت نہ ھئڻ ڪري ٻار فرش تي ويھي تعليم پرائين ٿا. عوام جون شڪايتون ۽ مسئلا ٻڌي موقعي تي موجود ضلعي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪيون ۽ مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

تقريب ۾ سابق ضلعي ناظم شفقت شاھ شيرازي،ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي،ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي،ايم پي اي ھير سوھو،ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي،ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ،ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر،ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجہ سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير شبير خان بجاراڻي جي کلي ڪچھري ٻہ ڀيرا بدنظمي جو شڪار ٿي وئي. صوبائي وزير اڳيان سجاول جي پي پي قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ تي  40 ڏينھن کان بک ھڙتال تي ويٺل پي پي جي جيالن کلي ڪچھري ۾ پھچي شديد احتجاج ڪيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي.

جنھن بعد پيپلز پارٽي ضلعی سجاول جی انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي کين اچي روڪيو.جنھن بعد جيالن ۽ انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي پر جيالا صوبائي وزير تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پنھنجو مسئلو بيان ڪيو.جيالن جو چوڻ ھو تہ اھي پيپلز پارٽي جا پراڻا ڪارڪن ۽ جيالا آھن پر پارٽي ۾ پراڻن جيالن ۽ ڪارڪنن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.ضياء جي باقيات ۽ 2007 ۾ پيپلزپارٽي طرفان چونڊ وڙھندڙ شمس ميمڻ کي کي چونڊن دوران مارڪٽ ڪندڙ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ کي تعلقي صدر بنايو ويو آھي ۽ اھو اسان کي ڪارڪن تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي.اسان 40 ڏينھن کان بک ھڙتال تي ويٺا آھيون پر اھو اسان وٽ اچڻ ۽ مسئلا حل بجاء اخباري بيان ذريعي چوي ٿو تہ اھي اسان جا ڪارڪن ئي نہ آھن. 

اسان فاقا ڪاٽي رھيا آھيون ۽ ضياء جي باقيات عيش ڪرڻ ۾ مصروف آھي سالن کان ڪو ھڪ ورڪرز ڪنوينشن بہ نہ ڪوٺايو ويو آھي.جنھن تي صوبائي وزير سندن مسئلا اعلي قيادت آڏو پھچائڻ جو واعدو ڪيو.جنھن بعد صوبائي وزير ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا ڪچھري اڌ ۾ ڇڏي روانا ٿي ويا.ٻئي طرف جيالن جي احتجاج بعد پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت جي ڦوڪڻي مان ھوا نڪري وئي ۽ تعلقه صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ ۽ ٻيا ڊي سي ھائوس ڀرسان بک ھڙتال تي ويٺل جيالن وٽ پھچي ويا ۽ کين جوس پياري سندن بک ھڙتال ختم ڪرائي.

ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن پ ٽ الف اڳواڻن موسي لغاري،عمر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال اسڪول کان ريلي ڪڍي ڊي سي آفس گرائونڊ تي منعقد ڪيل کلي ڪچھري ۾ پھچي صوبائي وزير آڏو ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو نہ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ آڏو استادن کي شديد تشدد جو نشانو بنائڻ خلاف شديد احتجاج ڪيو ۽ صوبائي وزير کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو.استادن جو چوڻ ھو تہ اسيمبلي مان ٻہ ڀيرا  بل پاس ٿيڻ باوجود کين پڪو نہ ڪرڻ زيادتي آھي.انھي بل تحت صرف ڪراچيءَ ڊويزن جي استادن کي پڪو ڪري سنڌ جي ٻين ضلعن جي استادن ۾ مايوسي پکيڙي وئي آھي ۽ تعصب وارو رويو رکيو ويو آھي.انھن مطالبو ڪيو ته سمورن ٽيسٽ پاس استادن کي جلد کان پڪو ڪيو وڃي.