عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ بشير احمد بلور جي اڄ ستين ورسي ملهائي پئي وڃي

news

پشاور: (آچر22 ڊسمبر 2019ع)  خيبرپختونخواهه جي هوائن ۾ ڇانيل دهشتگردي جي خوف کي بهادري سان منهن ڏيندڙ ۽ ان جي خلاف وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪندڙ سياستدان بشير احمد بلور جي اڄ ستين ورسي ملهائي پئي وڃي.

دهشتگردن جي مسلسل چار بم حملن ۾ محفوظ رهندڙ عوامي نيشنل پارٽي  جو اڳواڻ بشير احمد بلور 22 ڊسمبر 2012ع تي پشاور جي هڪ جلسي دوران هڪ خودڪشي حملي آور جي هٿان شهيد ٿي ويو.د هشتگردي جي ان حملي ۾ بشير احمد بلور سميت 9 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي قبول ڪئي هئي. پشاور جي مشهور علائقي قصه خواني بازار ۾ ٿيندڙ ان خودڪش حملي ۾  بشير احمد بلور جو پرائيويٽ سيڪريٽري نور محمد، ايس ايڇ عبدالستار خٽڪ به شامل هئا.شهادت کان اڳ هن ڪيترائي ڀيرا دهشتگرد طاقتن کي للڪاريو هو.

هو چوندو هو ته اوهان جون گوليون ختم ٿي وينديون پر اسان جا سينا ختم نه ٿيندا. هو ان ڳالهه تي مڪمل ايمان رکندو هو ته جيڪا رات قبر ۾ هجي اها هو گهر ۾ نٿو گذاري سگهي.

اي اين پي سان تعلق رکندڙ سينئر وزير بشير بلور پنج ڀيرا صوبائي وزير بڻجيو ۽ هن پنهنجي نمائندگي جو حق به ادا ڪيو. 2018 جي چونڊ مهم دوران بشير بلور جو پٽ هارون بلور به دهشتگردي جو نشانو بڻيو پر هي دلير خاندان اڄ به پنهنجي اصولن تي بيٺل آهي.