بلاول ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ چاهي ٿو ته ان جي شروعات پنهنجي پارٽي کان ڪري: فردوس عاشق

news

سيالڪوٽ: (آچر22 ڊسمبر 2019ع)  وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ چاهي ٿو ته ان جي شروعات پهريان پنهنجي پارٽي کان ڪري.

سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان هڪ اهڙي شخص جي آواز ٻڌي رهيا آهيون جنهن کي بينظير ڀٽو جي ياد صرف ان جي ورسي تي ايندي آهي. وزيراعظم کي پرچي جي ذريعي سياست ۾ لاهيندڙ سليڪٽڊ جو طعنو ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو جمهوريت تي ڳالهائڻ مذاق جي برابر آهي هو صحيح چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ناهي جنهن جي لاءِ قربانيون ڏنيون ويون. ڇو ته ملڪ ۾ هن وقت واقعي ڳٺ جوڙ ۽ مڪ مڪا واري جمهوريت ناهي رهي. جمهوريت سان بلاول جي معنيٰ بدعنواني جا لائسنس ورهائڻ آهي. بلاول ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ چاهي ٿو ته پهريان پنهنجي پارٽي ۾ آڻي ۽ پنهنجي وڏي وزير کي آزاد ڪري.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪجهه ماڻهن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو ۽ چيو ته عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين انهن ووٽرن سان جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪيا هئا پر هاڻ هو عوام کي اڪيلو ڇڏي وڃي رهيا آهن.