ٻاهرين طاقتن پرڏيهي فنڊنگ جي ذريعي عمران خان جي مدد ڪئي: احسن اقبال

news

سوات: (آچر 22 ڊسمبر 2019ع)  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ٻاهرين طاقتن پرڏيهي فنڊنگ جي ذريعي عمران خان جي مدد ڪئي.

سوات ۾ تقريب کي خطاب دوران احسن اقبال چيو ته ملڪ  مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جنگ ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن قربانيون ڏنيون آهن(ن) ليگ جي اڳواڻن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون اسان جي حڪومت ۾ 500 ارب روپيه هٿياربند فوج کي ڏنا ويا. اسان امن جي بحالي جي لاءِ ساڍا 28 ارب روپين جا منصوبا سي پيڪ ۾ آندا.

احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي خلاف ٻاهرين طاقتن جي سازش جاري آهي. سي پيڪ جو منصوبو 60 ارب ڊالر تائين وڃڻو هو پر پاڪستان جي دشمنن سي پيڪ کي تباهه ڪيو.(ن) ليگ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آندو ته دشمنن ملڪ جي خلاف هڪ سازش  ڪئي. ٻاهرين طاقتن پرڏيهي فنڊنگ جي ذريعي عمران خان جي مدد ڪئي.

(ن) ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته  عمران احمد خان نياري جي حڪومت ۾ چوري ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اهو عمران خان جيڪو چوندو هو ته خيرات نه وٺندس اهو هن وقت دنيا جو وڏو فقير بڻجي ويو آهي. مهاتير محمد سان  هن واعدو ڪيو ته سمٽ ڪانفرنس ۾ مان ضرور ايندس پر  پوءِ هن يو ٽرن وٺي ڇڏيو. مهاتير محمد کي خبر نه هئي ته هي يو ٽرن خان آهي.