سيالڪوٽ: ڀتن تي پينٽنگ جي مقابلي ۾ چار سئو کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت

news

سيالڪوٽ: (سومر23 ڊسمبر 2019ع)  سيالڪوٽ ۾ پيرس روڊ تي ڀتن تي پينٽنگ ڪرڻ جي مقابلي ۾ مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي 400 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو ۽ پنهنجي خوبصورت پينٽنگ سان ڀتن کي سجائي ڇڏيو.

شهر کي خوبصورت بنائڻ جو جذبو کڻي سيالڪوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پيرس روڊ جي بي رنگ ڀتن تي خوبصورت پينٽنگ ڪري پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا.

نوجوانن پنهنجي پينٽنگز ۾ پاڪستاني ڪلچر ۽ ثقافت کي بهترين طريقي سان پيش ڪيو. نوجوانن جي هٿن ۾ برش ۽ رنگ آيو ته ائين لڳي رهيو هو ته جيئن ڀتن ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڀتن تي رنگن جي بهار ۽ منفرد منظر ڏسي ڏسڻ وارا به داد ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهيا. 

شاگردن جو چوڻ هو ته ڀتن تي وال چاڪنگ ۽ اشتهارن جي ڀرمار ڏسنندڙن کي خراب لڳندو آهي ان لاءِ ان ڀتن ۾ رنگ هڻي شهر کي خوبصورت بنائڻ ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. منفرد شاهڪارن سان ڀريل پيرس روڊ جي ان ڀتن تي سيالڪوٽ جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

آرٽ ڪامپيٽيشن ۾ جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو اتي ئي شهر  جون ڀتون خوبصورتي جو شاهڪار بڻجي ويون.