ملير ۾ گلشن حديد ۽ پپري واسين جو گيس لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

news

ملير (رپورٽ: درياخان شر) سومر 23 ڊسمبر 2019ع: ملير جي يوسي پپري ۽ گلشن حديد ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب علائقي واسي سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

گئس نه هئڻ سبب ماڻهو ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهن، ٻئي طرف سئي سدرن گئس جي بلن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، گئس نه هئڻ سبب علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن ايڊوڪيٽ عبدالرشيد ڪٽپر، نثار شر، امام بخش گبول، غازي خان لانگاھ ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل هڪ مهيني کان پپري جي 22 ڳوٺن ۽ گلشن حديد جي ٽن يوسيز ۾ گئس نه هئڻ جي برابر آهي جنهن ڪري ماڻهو مجبورن ڪاٺيون خريد ڪري رڌ پچاءُ ڪري رهيا آهن.

شڪايتن باوجود سوئي سدرن گئس انتظاميا گئس جي بندش خلاف نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته اسان سوئي سدرن گئس انتظاميا کي چتاءُ ٿا ڏيون ته ٽي ڏينهن اندر گئس جي سپلائي بهتر نه ڪئي وئي ته سئي سدرن آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.ڪاٺيون جو وڪرو وڌيڪ ٿيڻ جي ڪري ڪاٺيون جي قيمت ۾  اضافو ٿي ويو آھي.