لاڙڪاڻو: سجاول جوڻيجو ڀرسان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ زميني تڪرار تان قتل

news

لاڙڪاڻو: سجاول جوڻيجو ڀرسان ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي زميني تڪرار تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ اچانڪ بروهي ۾ زميني تڪرار تان ننڍي ڀاءُ جوابدار عبداﷲ بروهي پنهنجي وڏي ڀاءُ ذوالفقار بروهي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد زخمي ٿيل نوجوان کي سندس وارثن پاران علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي شعبه حادثات ۾ داخل ڪرايو ويو جتي نوجوان ذوالفقار بروهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

ان موقعي تي مقتول جي رشتيدار مير محمد بروهي ٻڌايو ته زميني تڪرار تان ننڍي ڀاءُ عبداﷲ پنهنجي وڏي ڀاءُ ذوالفقار بروهي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي واقعي بعد جوابدار فرار ٿيل آهي ھوڏانھن ضروري ڪاروائي بعد مقتول جو لاش سندس وارث ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا.