دادو ۾ هٿياربندن جي چنگچي رڪشا تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، واٽهڙو نينگري سميت ٽي ڄڻا زخمي

news

دادو: اڱارو 24 ڊسمبر 2019ع: دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڇاڻو شاهه آباد محلا ۾ هٿياربندن جي چنگچي رڪشا تي فائرنگ سبب واٽهڙو ٻارڙي ۽ رڪشا ڊرائيور سميت 4 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيا، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي پوليس موبائيل ۽ رڪشي ذريعي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو.

جتي زخمين جي سڃاڻپ علي اصغر پٽ حاجي محمد مهيسر، رميز پٽ غلام مصطفيٰ منگي، رڪشو ڊرائيور نياز پٽ ممتاز چانڊيو ۽ واٽهڙو ٻارڙي سينئر صحافي فاروق ٻٻر جي ڀائيٽي 10 سالا هير بانو ڌي رفيق ٻٻر طور سڃاڻپ ٿي، زخمين ۾ علي اصغر مهيسر زخمن جي سٽ نه سهندي دادو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

جڏهن ته واٽهڙو ٻارڙي نور بانو ٻٻر ۽ ٻين زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب ڪجهه مهينا اڳ دادو ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙو ۾ پاڻي جي واري تان مهيسر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران علي مراد جتوئي فائرنگ ۾ قتل ٿيو هو.

جنهن جو ڪيس خدا آباد ٿاڻي تي مقتول جي پٽ علي شير جتوئي جي فرياد تي علي اصغر مهيسر ۽ ٻين تي داخل ڪيو ويو هو، پوليس موجب اڄوڪو واقعو 13 مهينا اڳ قتل ٿيل علي مراد جتوئي جي پلاند طور ٿيو آهي وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي قتل ٿيل علي اصغر مهيسر جا وارث ۽ زخمين جا وارث وڏي تعداد ۾ سول اسپتال دادو پهچي ويا، قتل ٿيل علي اصغر مهيسر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، قتل ٿيل علي اصغر مهيسر جي وارثن قاتلن جي فوري گرفتاري لاءِ خدا آباد ٿاڻي جي حد اباڻي ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي مقتول جو لاش رکي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي ڪئي.

مظاهرين مقتول جي وارثن محبوب مهيسر، غلام نبي مهيسر، مسمات ڀاڳل ۽ ٻين دانهيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي بعد ڊي ايس پي سٽي رسول بخش سيال ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙ مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي جلد قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ٻئي طرف هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واٽهڙو 10 سالا ٻارڙي هير بانو ٻٻر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو مان سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽرن کين ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.