ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٻين پاران سول اسپتال دادو جودورو

news

دادو: اڱارو 24 ڊسمبر 2019ع ڊپٽي ڪمشنر دادو راجه  شاھ زمان کهرو ،ڊي ايڇ او زاهد حسين ڏاوڇ، سول سرجن ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي ،ڊسٽرڪٽ پوليوفوڪل پرسن ڊاڪٽرزاهد حسين کهرو سان گڏجي سول اسپتال دادو جودورو ڪيو ڊپٽي ڪمشنر  اسپتال جي دوري دوران آئي سي يو، ٻارن جي وارڊ ، ميڊيڪل ، گائني ، ايمرجنسي وارڊ ، ليبارٽري مريضن جورجسٽر ۽ ڊاڪٽرن ، اسٽاف جو حاضري رجسٽر سميت ٻين مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ داخل مريضن جي عيادت ڪندي صحت جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرکي سول سرجن سول اسپتال ۾ مريضن کي ملندڙ طبي سهولتن، عملي ۽ ٻين  مسئلن بابت ڄاڻ  ڏني ڊپٽي ڪمشنرهدايت ڪندي سول سرجن ۽ ڊاڪٽرکي چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ  معصوم ٻارن ۽ ٻين مريضن جي علاج معالج جون بغيرڪنهن وقت ضايع  ڪرڻ  ڊاڪٽر۽ ٻئي عملي جي فرائضن ۾ شمارٿئي ٿو ان لاء  سول اسپتال انتظاميه جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ته جئين  شهر ن ، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ڏورانهن  علائقن جي  مان علاج معالج  لاءِ ايندڙ غريب مريضن کي صحت جون بهتر سهولتون ميسر ٿي سگهن.

هن وڌيڪ چيوغيرحاضررهندڙ ملازمن کي ڊيوٽي ڪرڻ جوپابند بنايووڃي ٻئي صورت ملازم ڪيڏوبه بااثرڇونه هجي انهن جي خلاف سخت قانوني قدم کنيوويندو ۽ اسپتال اندر صفائي جا اڻپورا انتظام آهن ان لاء صفائي سٿرائي  جي صورتحال کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي ۽ ناجائز تجاوزات کي فورن هٽائيووڃي.

۽ هاڻي صحت جي ڏس ۾ سهوليتن فراهم نه ڪرڻ   ڪنهن به مريض يا انهن جي وراثن  پاران  سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ، پيراميڊيڪل اسٽاف  يا ٻين مسئلن بابت شڪايت ايندي ته انهن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي  .