ڪويت ۾ هڪ رڍ ٻن ڪروڙ روپين ۾ نيلام ڪئي وئي: وڊيو وائرل

news

ڪويت: (اربع 25 ڊسمبر 2019ع) ڪويت ۾ هڪ غير معمولي رڍ 40 هزار دينار يعني 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ۾ نيلام ڪئي وئي.

ڪويتي ميڊيا موجب دنيا جي سڀني کان مهانگي اڇي رنگ جي رڍ جي نيلامي سوشل ميڊيا تي سڌو سنئون ڏيکاري وئي. سوشل ميڊيا صارفين به ان ۾ حصو ورتو پر ان جي سڀني کان وڌيڪ ٻولي 40 هزار دينار  لڳائي وئي جنهن کان پوءِ رڍ  کي  وڌيڪ ٻولي لڳائيندڙ شخص جي حوالي ڪيو ويو.

هي پنهنجي حساب سان حيرت ۾ وجهندڙ ۽ منفرد نيلامي هئي. ياد رهي ته ڪويت قيمتي ۽ مهانگي جانورن جي حوالي سان ڪافي شهرت رکندو آهي ۽ ان حوالي سان ڪيترائي عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪويت ۾ عرنون نالي هڪ اٺ 16 ملين ڪويتي دينار(8 ارب روپين کان وڌيڪ) ۾ نيلام ٿيو هو جنهن کان پوءِ ان اٺ کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ دنيا جي مهانگي اٺ ۾ شامل ڪيو ويو هو.