سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ علي بخش سنجراڻي ۾ گهٽي جي مامري تان جهيڙو ، هڪ ڄڻو قتل ٻه ڄڻا زخمي

news

سڪرنڊ: اربع 25 ڊسمبر 2019ع: سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ علي بخش سنجراڻي ۾ گهٽي جي مامري تان جهيڙو , هڪ ڄڻو قتل ٻه ڄڻا سخت زخمي,  سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ علي بخش سنجراڻي ۾ گھٽي جي مامري تان سنجراڻي  ۽ مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺين ۽ ڪھاڙين جي استعمال سبب مڱڻهار برادري جا ٽي ڄڻا درمحمد ـ حاصل ـ شريف مڱڻهار سخت زخمي ٿي پيا.

جن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاھ  اسپتال داخل ڪيو ويو جتي زخمن جا تابه نه سھندي 50 ساله در محمد ولد سونو مڱڻهار فوت ٿي ويو, ماڙي جلباڻي پوليس لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ  مان پوسٽ مارٽم ڪرائي  وارثن حوالي ڪيو.

ماڙي جلباڻي  پوليس ڳوٺ علي بخش سجراڻي  ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي جئين وڌيڪ خونريزي کي روڪي سگهجي, آخري اطلاعن تائين ڳوٺ ۾ فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي,   ماڙي جلباڻي پوليس صورتحال تي ضابطي لاء ضلعي بينظيرآباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس گھرائي ورتي آهي.

فوتي جي ڀاء حاجي نجف مڱڻهار ٻڌايو ته سنجراڻي برادري جي 15 کان 20 ماڻهن حملو ڪري ڪهاڙيون هڻي منهنجي ڀاء کي قتل ڪيو آهي ۽ ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.