مارچ تائين ملڪ ۾ تعليمي نصاب هڪ ٿي ويندو: شفقت محمود

news

ڪراچي: تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود مارچ تائين ملڪ ۾ هڪ ئي نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي شفقت محمود جو چوڻ هو ته اسان جهڙي ملڪ ۾ سياست ۾ دلچسي نه وٺڻ مشڪل ڳالهه آهي، جيڪي حالتون آهن انهن کي ڏسي سياسي معاملن ۾ توجهه ڏيڻي پوي ٿي. اسان جي خوشنصيبي آهي ته اسان هڪ آزاد ماحول ۾ ساهه کڻندا آهيون.

هن جو چوڻ هو ته فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام آڻينداسين ۽ اسان هڪجهڙي نصاب تي ڪم ڪري رهيا آهيون، مارچ تائين نصاب هڪ ٿي ويندو.

خيال رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪيترائي ڀيرا ملڪ ۾ هڪ نصاب جي حوالي سان چئي چڪو آهي.

گذريل ڏينهن به هڪ تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ملڪ ۾ هڪ نصاف ضروري آهي، جئين اسان هڪ قوم بڻجي سگهون.