رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن مان متاثر ٿيڻ جو پهريون واقعو رپورٽ ٿي ويو

news

ڪيليفورنيا: (خميس 26 ڊسمبر 2019ع) ڪيليفورنيا ۾ هڪ واقعي مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن سان جسماني عضوا سخت متاثر ٿي سگهن ٿا.

ان حوالي سان هڪ واقعو آمريڪا ۾ پيش آيو آهي جتي هڪ عورت ميڪسڪو مان ٺاهيل ڪريم جو مسلسل استعمال ڪيو ته ان جو مرڪزي اعصابي نظام(سينٽرل نروس سسٽم) سخت متاثر ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽرن شروعاتي مرحلي ۾ ان جو سبب پاري(مرڪري) کي قرار ڏنو آهي جنهن جي وڏي مقدار ڪريم ۾ شامل ڪئي وئي هئي ۽ ان جو مقصد رنگ اڇو ڪرڻ هو.

عورت جي صحت هاڻ ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو هو  هاڻ کيس نلڪي جي ذريعي کاڌو ڏنو پيو وڃي ۽ هو پنهنجو خيال رکڻ ايستائين جو ڳالهائڻ کان به محروم ٿي چڪي آهي.

ڊاڪٽرن موجب هن ڪريم ۾ ميتهائل مرڪري جي صورت ۾ نامياتي پارو(آرگينڪ مرڪري) موجود هو جيڪو آمريڪا ۾ متهائل مرڪري مان متاثر ٿيڻ جو 50 سالن ۾ پهريون واقعو آهي.