سيوهڻ ۾ چنگچي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر سبب درگاھ قلندر تي ڊيوٽي لاءِ ايندڙ اهلڪار فوت

news

سيوھڻ:  خميس 26 ڊسمبر 2019ع: سيوھڻ  ۾ بوائز ڊگري ڪاليج روڊ تي چنگچي رڪشا کي ٽريڪٽر جو ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ درگاھ قلندر تي مقرر ۽ ڊيوٽي لاء ايندڙ پوليس اھلڪار  ٿڏي تي فوت :

ٽريڪٽر ڊرائيور سميت فرار تفصيل موجب سيوھڻ جي بوائز ڊگري ڪاليج روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ درگاھ حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار  تي مقرر سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ راڌڻ واسي پوليس اھلڪار ۵٠ ورھين جو غلام قادر ولد پيراڻو راھپوٽو مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

جنھن بعد فوتي جو لاش سيوھڻ جي سيد عبداللله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال آندو ويو جتي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي بعد ۾ اھلڪار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتيجو لاش ڳوٺ راڌڻ پھچڻ تي ماحول سوڳوار  ۽ گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

سيوھڻ پوليس موجب فوت ٿيندڙ پوليس اھلڪار درگاھ قلندر تي مقرر ھو ۽ وردي ۾ ڊيوٽي تي اچي رھيو ھو ته ساڻن حادثو پيش آيو جڏھن ته ٽريڪٽر سميت ڊرائيور به  فرار ٿي ويو آھي اسان حادثي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.