سيوهڻ پريس ڪلب پاران صحافي مجيب لاکو تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سيوھڻ:  خميس 26 ڊسمبر 2019ع: سيوهڻ پريس ڪلب پاران گمبٽ جي صحافي مجيب لاکو تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو.

ڊي آء جي سکر کي فورن هٽائڻ جو مطالبو. خبر موجب سيوهڻ پريس پاران گمبٽ جي صحافي مجيب لاکو تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي آء جي سکر کي هٽائڻ جو مطالبو.

ان موقعي تي صدر پريس ڪلب سيوهڻ ڪي ڪي بڙدي.نظر محمد پنهور.مير رياض حسين جمالي.گلشير بلوچ. اشرف عطار . ماجد قريشي.شفيع محمد چنا .محمد امين سولنگي.اختر سولنگي. ۽ ٻين چيو ته آزاد صحافت تي وار ڪري سنڌ جي صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ان تي ٿاڻن اندر تشدد ڪري انهن جي سچ کي پوليس دٻائڻ چاهي ٿي.

اسان اهڙي پوليس گردي جي سخت لفظن سان مذمت ڪندي وزير سنڌ حڪومت ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڊي آء جي سکر کي هٽائي صحافي سان انصاف ڪيو وڃي .

صحافي مجيب تي پوليس 17  ڪوڙا جعلي ڪيس داخل ڪري ان تي ٿاڻي اندر تشدد ڪري ڇاٿي ثابت ڪري جيڪڏهن صحافي سان انصاف نه ٿيو ته سڄي سنڌ جا صحافي سراپاء احتجاجي بڻجي ويندا.