منشيات هٿ اچڻ وارو ڪيس، راڻا ثناءُ الله جو چيف جسٽس کان جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو

news

فيصل آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته گهٽيا سياسي انتقام ڪامياب نه ٿيندو، ان جي خلاف ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيو ويو.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا ثناءُ الله منشيات برآمدگي ڪيس ۾ ضمانت ۽ آزادي کانپوءِ فيصل آباد پهچي ويو.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ان جي خلاف ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس ٺاهيو ويو، افغانستان کان لاهور تائين ڦهليل نيٽ ورڪ جي ڪردارن کي ڇو ناهي پڪڙيو ويو؟ الله تعاليٰ کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته مون هڪ ڀيرو به هيروئن جو نشو ناهي ڪيو.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته گرفتاري جي وقت جي وڊيو پيش ڇو ناهي ڪئي وئي؟ مون سان جاچ ڪندڙ آفيسر جي گفتگو جي وڊيو به ڇو پيش ناهي ڪئي وئي؟

پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي جماعت ۽ ليڊر ميان نواز شريف سان گڏ بيٺل آهيان. ان قسم جا حربا ۽ سياسي انتقام ڪامياب نه ٿيندا ۽ نه ئي اسان انهن هٿڪنڊن کان رڪجنداسين.