کونگهرا روڪڻ جي لاءِ ڄاڙي وٽ چنبڙندڙ بٽڻ تيار

news

ڪيليفورنيا: (جمعو 27  ڊسمبر 2019ع) کونگهرن کي روڪڻ جي لاءِ ماڻهو هر طرح جون ڪوششون ڪرڻ کان وسان نه گهٽائيندا آهن

پر هاڻ آمريڪي ڪمپني 3 مختلف قسمن جا هلڪا برقي بٽڻ ٺاهيا آهن جيڪي ڄاڙي تي هڻڻ کان پوءِ اهو بٽڻ کونگهرن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. 

سنورسرڪل نالي ڪمپني ان حوالي سان 3 بٽڻ تيار ڪيا آهن جيئن ئي سمهندڙ کونگهرا هڻڻ شروع ڪندو آهي ته لڳل برقي آلو هلڪي فري ڪوئنسي جا برقي سگنل خارج ڪندو آهي.

اهڙي طرح برقي سگنل کونگهرن هڻڻ جو سبب بجندڙ جڳهه کي سڪون پهچائيندو آهي ۽ کونگهرا هڻڻ جو عمل رڪجي ويندو آهي.