جاتي ۾ محترم بينظير ڀٽو جي ورسي نظر انداز ڪارڪنن پاران ملائي وئي

news

جاتي(رپورٽ: بابو غلام حسين ملاح) جمعو 27 ڊسمبر 2019ع: محترم بينظير ڀٽو جي ورسي پ پ پاران نظر انداز ڪيل ڪارڪنن پاران جاتي شهر ۾ ملائي وئي.

ڪارڪنن پاران پ پ پ تعلقه جاتي اڳواڻن تي ڏک جو اظهار خبر موجب 27 ڊسمبر 2007 ۾ شهيد ٿيل عوامي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي پ پ پاران نظر انداز ڪيل ڪارڪنن محمد يوسف ميمڻ، غلام مرتضي ترڪ، ڪاري ملاح، شريف هڱورو ۽ ٻين پاران جاتي شهر ۾  قرآن خواني ڪرائي ملائي وئي.

انهي موقعي تي تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پ پ پاران هميشه نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ۽ هن وقت پ پ پ تعلقه جاتي پاران اسان سان ٻٽي پاليسي رکي اسان کي ڪنهن به پروگرام جي دعوت نه ٿي ڏني وڃي.

اسان پراڻا جيالا آهيو اسان سان ناانصافيون ٿي رهيو آهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جاتي ۾ ٿيل ورسي ۾ ڪيترن ئي ڪارڪنن، شهرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي.