پشاور ۾ شادي جي تقريب دوران عورتن جي وڊيو ٺاهڻ تي گهوٽ قتل

news

پشاور: (ڇنڇر 28 ڊسمبر 201) پهاڙي پوره جي علائقي ۾ شادي جي دوران عورتن جي وڊيو ٺاهڻ تي گهوٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.

پشاور جي علائقي پهاڙي پوره جي ٿاڻي جي حد  چغلپوره ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران عابد ولد رياض نالي شخص کي سندس مائٽن فائرنگ  ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

مقتول جو اڄ وليمو هو.جوابدارن جي سڃاڻپ شهزاد، شبير ۽ شاهه فهد جي نالي سان ٿي آهي جنهن مان هڪ  مقتول جو ڀيڻيويو آهي.

مقتول جي وارثن موجب شادي جي تقريب ۾ عورتن جي وڊيو ۽ تصويرون ٺاهڻ تي جهيڙو ٿيو جنهن تي هي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو.

پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي لاءِاسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جوابدارن جي  گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي فقير آباد جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي.