تبديلي جي عمل ۾ هر هنڌ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي: وزيراعظم

news

پشاور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي تبديلي جي عمل ۾ هر جڳهه تي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پشاور ۾ وزيراعظم  عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، سڌارن جي عمل ۾ ايف بي آر، ٽيڪس معاملا، طبي شعبي ۽ واپار سميت هر جڳهه تي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ادارن ۾ سڌارا تي اسٽيٽس ڪو کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسٽيٽس ڪو ۽ مافيا سڌارن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سڌارن جي ذريعي بنگلاديش به اڄ پاڪستان کان اڳيان نڪري ويو آهي، ترڪي ۽ ملائيشيا سڌارن جي ذريعي پنهنجي ملڪ کي مٿي کنيو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسٽيٽس ڪو اسان جا سڀئي ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، حڪومتون 5 سال پورا ڪرڻ لاءِ اينديون آهن پر اسان سڌارن جي لاءِ آيا آهيون، اسان دٻاءُ برداشت ڪنداسين پر ڪنهن به صورت ۾ سڌارن کان پوئتي نه هٽنداسين.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي آمريڪا ۾ لابي گهڻي طاقتور آهي، اوورسيز پاڪستاني به پنهنجي لابي مضبوط ڪن، ڀارت ڪشمير ۾ ۽ مسلمانن خلاف انساني حقن جي خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، نريندر مودي هٽلر جي راهه تي هلي رهيو آهي، آر ايس ايس جي نظريي تي بي جي پي پنهنجو نظريو مسلط ڪري رهي آهي. 21هين صدي ۾ به اسان ڀارت ۾ فاشسٽ قدم ڏسي رهيا آهيون، ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري قانون خلاف سڀئي اٿي بيهن، ڀارت احتجاج تان توجهه هٽائڻ جي لاءِ ڪوڙو فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني تمام وڏي طاقت آهن، ڀارت ۾ بوتل مان نڪتل جن واپس نه ويندو.

هن چيو ته اسان جي ملڪ جو مستقبل روشن آهي، 2019ع ڏکيو سال هو، اسان جو رپيو مستحڪم ۽ سرمائيڪاري وڌي آهي، جڏهن ته چين سان سي پيڪ معاهدو اسان جي خوشقسمتي آهي.