اڏيرولال اسٽيشن: ڇنڇر 28 ڊسمبر 2019ع: اڏيرولال اسٽيشن ۾ تعليمي ميدان ۾ استاد مهرداد ٿهيم جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون سندن تعليمي پورهئي ڪيترا ئي ذھين محنتي شاگرد پيدا ڪيا.
جنهن استادن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آواز اٿاريو استادن سان هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو اهڙن خيالن جو اظھار گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمود ٿهيم جي استاد عبدالشڪور ، يوسي چئيرمين آدم ٿهيم ، بشارت پالاري ، ۽ ٻين پاران نامياري تعليمي ماهر استاد مهرداد ٿهيم جي رٽائرڊمنٽ تي سندس مان ۾ ڳوٺ محمود ٿهيم جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ ڏنل الوداعي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.
هن موقعي تي عمران کوسو چيو ته استاد مهرداد ٿهيم تعليمي پروگرامن ۾ پنهنجي شاندار ذھانت جو مظاهرو ڪري سڄي سنڌ جي تعليمي کيتر ۾ نالو روشن ڪرايو.
ان موقعي تي پيارو شاهاڻي چيو ته مهرداد ٿهيم جنهن شاگردن جي طبيعت مزاج کي سمجهي کين پڙھايو ۽ سندن تربيت ڪئي. اهو وڏي دل جگر گردي ۽ برداشت وارو انسان آھي هو رواداري جو امين آھي.
هن ساڻس محبت ڪندڙ ايترا ته دوست ٺاهيا آھن جو سندس مخالفت ڪندڙ ڳولئي به نٿا ملن هو مهل تي ڪم ايندڙ انسان آھي.
جڏهن ته ان موقعي تي عدنان انصاري ، رمضان ٿهيم ، شاهد شيخ ، خورشيد انصاري ، ۽ ٻيا موجود هئا.