نوابشاهه ۾ ٽيڪسي ڊرائيور پوليس هٿان کنڀجڻ خلاف سندس ٽن گهر وارين جو ٻارن سميت احتجاج

news

نوابشاهه: ڇنڇر 28 ڊسمبر 2019ع: نوابشاهه لڳ 8 چڪ نيوي جي رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور جي ٽن گهر وارين جو ٻارن سميت مُڙس کي مبينه سي آئي اي پوليس هٿان کنڀجڻ خلاف احتجاج با اثر جي ڊرائيور مير گل بروهي تي مُڙس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ 15 لک طلب ڪرڻ جا الزام اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو.

خبر موجب نوابشاهه جي ريگستاني علائقي 8 چڪ نيوي جي رهواسي پورهيت ٽيڪسي ڊرائيور عبدالمجيد بروهي جي ٽن گهر وارين مسمات رضيه، مسمات عزت خاتون ۽ مسمات جماعتي پنهنجي اڀهم ٻارڙن کي هنج تي کڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ سندن مُڙس عبدالمجيد بروهي پنهنجي ڳاڙهي رنگ جي ٽيڪسي سان گڏ 87 موري اسٽاپ جي هوٽل تي ويٺل هُيو ته انهي کي خبر ناهي ڪير زبردستي ٽيڪسي سميت کنڀي ويو.

هنن چيو ته بعد ۾ اسان کي اسان جي علائقي جي مير گل بروهي چيو ته اوهان جو مُڙس سي آئي اي پوليس جي اهلڪار ميان بخش مري وٽ آهي جيڪو سندس آزادي لاءِ 15 لک روپيا طلب ڪري رهيو آهي هنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون مُڙس روز ڪمائيندو آهي ته اسان جو پيٽ پلجندو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن مُڙس کي آزاد ڪرائي بنا ڏوهه کيس گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.