پنو عاقل ۾ بجلي جو ڪم ڪندڙ خانگي لائين مين ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

news

پنوعاقل: آچر 29 ڊسمبر 2019ع: پنوعاقل شھر ۾ بجلي جو ڪم ڪندڙ خانگي لائين مين محمد يوسف ملڪ 11 ھزار وولٽ بجليءِ ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو،

ڪيترن سالن کان واپڊا جي سرڪاري ملازمن سان گڏ ڪم ڪندڙ شھر واسي محمد يوسف ملڪ جنھن کي سڌوجا واري علائقي ۾ بجليءِ ٺاھڻ جي لاءِ کنڀي تي چاڙھيو ويو ته عملي جي ڪوتاھي سبب بجلي چالو ڪۂي وۂي تہ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو،

ان سلسلي ۾ شھرين جو چوڻ آھي ته مرحوم يوسف ملڪ سيپڪو پنوعاقل طرفان پراۂيويٽ طور شھر ۾ بجليءِ جون تارون ھڻندو ھو،جنھن ڪري ھو آچر موڪل واري ڏينھن به ڪم ڪندي فوت ٿي ويو.