ٽنڊو ڄام ۾ ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ پاران زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور جي اوڻونجھاهين سالگرهه تقريب منعقد

news

ٽنڊوڄام: ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ پاران نالي واري محقق، تاريخدان ۽ زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور جي 94وين سالگرهه جي سلسلي ۾ ٽنڊوڄام ويجهو ايم ايڇ پنهور زرعي فارم ۾ تقريب منعقد ڪئي ويئي.

انهي موقعي تي ايم ايڇ پنهور جي پٽ ۽ ٽرسٽ جي سربراهه سني پنهور، غلام سرور پنهور، ابرار قاضي، مسعود لوهار، زيب سنڌي، نصير مرزا، گل حسن پنهور ۽ ٻين مرحوم ايم ايڇ پنهور جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪري دعا گهري. تقريب جي شرڪاءَ مرحوم ايم ايڇ پنهور پاران زراعت سميت مختلف شعبن ۾ ڪيل تحقيقي ڪم تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي سني پنهور چيو ته مرحوم ايم ايڇ پنهور زراعت سميت مختلف شعبن ۾ وڏي تحقيق ڪئي آهي. ايم ايڇ پنهور جي زرعي شعبي خاص طور تي ميون بابت ڪيل تحقيق مان فائدو وٺي، سنڌ جي زراعت هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. جنهن سان عام هاري ۽ آبادگار کي به وڏو لاڀ حاصل ٿيندو. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ وٽ پنهور صاحب جي تحقيقي مواد جو وڏو ذخيرو موجود آهي.

زرعي ادارن کي گهرجي ته انهي مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري عام هاري ۽ آبادگار تائين پهچائين ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي کي اهو مواد ضرورتن پٽاندڙ نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. زيب سنڌي انهي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مرحوم ايم ايڇ پنهور گهڻ رخي شخصيت هو.

هو نه صرف هڪ تاريخدان ۽ زرعي ماهر هو پر هڪ مستند تحقيقدان به هو ۽ سنڌ جو هڪ ڏاهو ماڻهو هو. هن چيو ته هو مون سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ دانشورن لاءِ اتساهه جو سبب هو. تقريب ۾ نصير مرزا ڳالهائيندي چيو ته مرحوم ايم ايڇ پنهور سخت تحقيق بعد سنڌ جي مستند تاريخ لکي آهي.

جنهن ۾ هن ڪيترائي ناياب تاريخي نقشا پيش ڪيا آهن هن چيو ته لطيف سرڪار گهڻو ڪري سنڌ جي سومرن جي دور جي ڪردارن کي ڳايو آهي، ساڳي طرح ايم ايڇ پنهور به سنڌ جي سومرن جي دور جي تاريخ کي فوڪس ڪيو آهي ۽ سخت تحقيق بعد سومرن جي دورن جي ڀروسي جو ڳي تاريخ لکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ٽرسٽ جي اڳواڻ غلام سرور پنهور خطاب ڪندي چيو ته مرحوم ايم ايڇ پنهور پاران تحقيقي فارم تي شروع ڪيل زرعي تحقيق کي جاري رکيو ويو آهي. هن وقت تائين زرعي تحقيقي فارم ۾ انب، لچي، انجير، جيڪ فروٽ ۽ انگور سميت ٻارهن ميون جو مختلف جنسون دريافت ڪيون ويون آهن.

جڏهن ته صرف انبن جو 32 جنسون دريافت ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ٽرسٽ پاران هن ڀيري سالگرهه تقريب جي موقعي تي مفت طبي ڪيمپ جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي، ته جيئن غريب ۽ نادار ماڻهن کي علاج جون سهوليت مهيا ڪري سگهجي. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ پاران غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ ۽ غريب عورتن کي سلائي مشينون ڏيڻ ۽ هوشيار شاگردن کي اسڪالرشپس ڏيڻ سميت مختلف فلاحي ڪم پڻ ڪيا پيا وڃن.

هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جي اسڪالرشپ تي تازو هڪ شاگرد پي ايڇ ڊي پڻ ڪري ورتي آهي. سالگرهه تقريب ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو، منظور ميراڻي، نواب نور احمد ٽالپور، مقبول پنهور، منظور پنهور، ڊي جي واپڊا عطاءُ الله ميمڻ، وقار ميمڻ، نثار ميمڻ، نظام الدين شيخ، محمد خان نظاماڻي، ناصر پنهور، پرويز پنهور، نفيس ناشاد، نواز اوٺو، ڪيپٽن ظهير پنهور، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس نظام شيخ، سيد نور محمد شاهه، شوڪت سانگي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

سالگرهه تقريب جي موقعي تي انب جي شڪل جو مخصوص ڪيڪ ڪاٽي مرحوم ايم ايڇ پنهور کي انبن جو ڪيتريون ئي جنسون دريافت ڪرڻ تي منفرد قسم جي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي.

انهي موقعي تي عام ماڻهن لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي ويئي هئي. طبي ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ پهتل مرد ۽ خواتين مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون. انهي موقعي تي خيرات في سبيل الله جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو.