بدين ڀرسان عورت معصوم ٻارڙي سميت ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان ڇيڀاٽجي فوت، هڪ ڄڻو زخمي

news

بدين: بدين جي سيراڻي روڊ تي قصيرو خاصخيلي ڳوٺ سامهون سارين جي لاباري بعد چنگچي رڪشا تي ٿرپارڪر پنهنجي ڳوٺ ويندڙ ڪٽنب جي رڪشي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد خوف ۾ رڪشا ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري 17 سالن جي روپي ڌي سونو ڀيل 3 سالن پما ڌي منگل ڀيل کي پويان کان ايندڙ سارين سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي موقعي تي چيڀاٽي ماري ڇڏيو.

جڏهن ته هڪ مرد سونو ڀيل سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي طرف فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم وارثن حوالي ڪيو ويا جيڪي پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا آهن.