سيالڪوٽ ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران چار ڦورو مارجي ويا

news

سيالڪوٽ: (سومر 30 ڊسمبر 2019) اگوڪي ٿاڻي جي علائقي ۾ مبينه پوليس مقابلي جي نتيجي ۾ 4 ڦورو مارجي ويا آهن.

سيالڪوٽ پوليس جي ترجمان موجب پوليس کي 15 تي اطلاع ملي ته پٺهانان واري ڳوٺ سان تعلق رکندڙ آصف کان مظفرپور ڦاٽڪ ويجهو ڦر ڪئي وئي آهي.

اطلاع ملندي ئي موبائل انچارج اصغر علي نفري سان گڏ روانو ٿي ويو جتي اگوڪي پيٽرول پمپ ويجهو پوليس  ڦورن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڦورن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. پوليس موجب فائرنگ کان پوءِ ڦورو دهتل ڳوٺ طرف فرار ٿي ويا جنهن  کان پوءِ سندن پيڇو ڪيو ويو ته 4 ڦورن جون لاشون مليون جڏهن ته 2 ڦورو ڪوهيڙي سبب فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته 6 ڦورن جو گروپ هو جنهن پوليس ٽيم تي فائرنگ ڪئي جڏهن ته مبينه طور تي ڦورو پنهنجي ساٿين جي ئي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا آهن. جڏهن ته واقعي ۾ ڪنهن به پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جي ڪابه اطلاع سامهون ناهي آئي.