جاتي پريس ڪلب جي صدر جو ننڍو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ماڻهن جي شرڪت

news

جاتي (رپورٽ: بابو غلام حسين ملاح) سومر 30 ڊسمبر 2019ع: جاتي پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق لوهار جو ننڍو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت .

خبر موجب جاتي پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق لوهار جو ننڍو ڀاءُ عبدالجبار لوهار مختصر عرصو بيمار رهڻ بعد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي نماز ۾ عبدالستار لوهار، پ پ اڳواڻ دانش خان ملڪاڻي، يوسي چيئرمين ڪوٺي عبدالستار ڪهير، ٽائون ڪميٽي جاتي جي وائس چيئرمين ڊاڪٽر محمود ميمڻ يوسي چيئرمين گل محمد ٻارڻ عبدالرحمان ٻارڻ سميت ڪيترن ئي سياسي، سماجي، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز درگاھ مگرڀين جي ميدان ۾ ادا ڪري سندس اباڻي قبرستان مگرڀين ۾ تدفين ڪئي وئي ٻئي طرف جاتي پريس ڪلب ۾ صحافين  تعزيتي گڏجاڻي ڪئي وئي.

جنهن ۾ جاتي پريس ڪلب جي نائب صدر گل حسن ٽيمڙو، حبيب الله ميمڻ، بابو غلام حسين ملاح، محمد صديق ٻارڻ، ذوالفقار علي ميمڻ ۽ ٻين صحافين شرڪت ڪئي.

انھي موقعي تي جاتي پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق لوهار جي ڀاءُ مرحوم عبدالجبار لوهار جي مغفرت ۽ پوئيرن کي صبر جميل لاء دعا گهري وئي.