ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پ پ بلوچستان جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ پهچي شهيدن جي مزارن تي دعا گهري

news

نئون ديرو: سومر 30 ڊسمبر 2019ع: بلوچستان ۾ هميشه ڊڪٽيٽر يا ان جي پيداوار وارن کي  ئي اڳتي آڻيو ويندو آهي جنهن جي ڪري بلوچستان جون حالتون ٺيڪ ناهن ٿيون. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي وڏي جماعت رهي آهي ۽ هميشه وڏي جماعت رهندي.

بدقسمتي سان بلوچستان ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي رهي آهي. بلوچستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي ووٽ جي طاقت جو استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو آهي.

ان جي ڪري ئي بلوچستان جا حالات ڪڏهن به ٺيڪ ناهن ٿي سگهيا. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي حقيقي نمائندا آهن انهن کي ووٽ جو استعمال نه ڪرڻ ڏنو ويندو آهي.

ايندڙ اليڪشن اسين بلاول جي قيادت ۾ پوري پاڪستان ۾ ڀاري اڪثريت سان کٽندا سين ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندا سين ۽ بل خصوص بلوچستان جون حالتون ٺيڪ ڪندا سين. بلوچستان ۾ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سيٽ به نه آهي.

ڇو جو بلوچستان ۾ اليڪشن نه ٿيندي آهي جيڪڏهن بلوچستان ۾ اليڪشن ٿئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي کٽي ايندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ به اليڪشن ۾ بلوچستان مان سيٽون کٽيون هيون 2008ع واري اليڪشن ۽ 2013ع واري اليڪشن ۾ سيٽون کنيون هيو پر هاڻ بلوچستان ۾ اليڪشن نه صرف سليڪشن ٿيندي آهي.

  ان موقعي ساڻس بلوچستان جي صوبائي جنرل سيڪريٽري سيد آفتاب شاهه، انفارميشن سيڪريٽري ملڪ زيشان، غلام علي ڀٽو، امجد عاف سومرو، حسين بخش ناريجو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.