ڪي پي ڪي حڪومت سياري جي موڪلن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

پشاور: ملڪ جا ڪيترائي علائقا هن وقت شديد سيءَ جي لپيٽ ۾ آهن، ٿڌ ۾ واڌ سبب خيبرپختونخوا (ڪي پي ڪي) جي اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون 7 جنوري تائين وڌايون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ به موڪلن ۾ واڌ جو امڪان آهي.

ملڪ جا جابلو علائقا انهن ڏينهن ۾ برف سان ڍڪيل آهن، جڏهن ته ميداني علائقا ٿڌي هوائن جي لپيٽ ۾ آهن. پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي سبب ٽرئفڪ جي رواني متاثر آهي، ريل گاڏيون ۽ هوائي جهازن جون اڏامون به دير جو شڪار آهن.

سيءُ ۾ اضافي سبب ڪي پي ڪي انتظاميا اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون 7 جنوري تائين وڌائي ڇڏيون آهن.

ٻئي طرف سيءُ جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان به سياري جي موڪلن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان حوالي سان حتمي فيصلو اڱاري تي ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته موڪلن ۾ هڪ هفتو وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي، سيڪريٽري اسڪولز موڪلن ۾ واڌ متعلق حتمي فيصلو سڀاڻي ڪندو.

واضح رهي ته سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جون موڪلون سڀاڻي 31 جنوري تي ختم ٿي رهيون آهن.