هلندڙ سال جي آخري ڇهن مهينن دوران بي آر ٽي منصوبي تي صرف ڇهه سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو

news

پشاور: (اڱارو 31 ڊسمبر 2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي گذريل دور حڪومت ۾ شروع ٿيندڙ ميگا منصوبي بي آر ٽي سي 6 مهينن ۾ صرف 6 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو.

فنڊن جي دير سان ملڻ سبب ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿيو. خيبرپختونخواهه حڪومت پاران پشاور ۾ شروع ڪرايل ميگا منصوبو بي آر ٽي شروعات کان ئي تڪرارن ۽ مسئلن جو شڪار آهي.

ٺيڪيدارن کي ادائيگين ۾ دير سان ڪم به سست رفتاري جو شڪار ٿيو حڪومت ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان منصوبي جي فرانزڪ آڊٽ جو فيصلو به ڪيو. ميگا پراجيڪٽ تي لاڳت جو شروعاتي خرچ 49 ارب روپيه لڳايو ويو هئو جيڪو هاڻ تقريبن 68 ارب روپين تائين پهچي ويو آهي.

سال جي ختم ٿيڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي ايف آءِ اي بي آر ٽي جي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومت جاچ روڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف حڪومت جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو پنهنجو موقف سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. بي آر ٽي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به شهرين کي فائدا حاصل نه ٿيندا. عوام کي ڪنهن به قسم جي سبڊي ناهي ڏني وئي. في ڪلو ميٽر 5 روپين جي حساب سان ڀاڙو ورتو ويندو.