سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون ختم: اسڪول کلي ويا

news

ڪراچي: (اربع 01 جنوري 2020ع) سنڌ جي تعليم کاتي ٿڌ ۾ اضافي جي باوجود سياري جي موڪلن ۾ اضافو نه ڪيو ۽ اڄ سمورا تعليمي ادارا کلي ويا آهن.

سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا کلي ويا آهن پر ٿڌ وڌيڪ  هجڻ سبب حاضري معمول کان گهٽ رهي. جنهن کان پوءِ اطلاع آهن ته ٿڌ جي شدت ۾ اضافي سبب سنڌ ۾  به اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪلن ۾ به اضافي جو امڪان آهي. ان حوالي سان اهو فيصلو تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي ڪرڻو هو.

ذريعن موجب ٿڌين هوائن ۽ تمام گهڻي ٿڌ سبب سياري جي موڪلن ۾ 7 جنوري تائين اضافو ڪرڻو هو. ياد رهي ته صوبي خيبرپختونخواهه  ۾ سخت ٿڌ ۽ ٿڌين هوائن ۽  ڪوهيڙي سبب تعليم کاتي سياري جي موڪلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب خيبرپختونخواهه جي ميداني علائقن ۾ پهرين جنوري کان ختم ٿيندڙ موڪلن ۾ 7 جنوري 2020ع تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته موڪلن ۾ اضافي جو فيصلو شاگردن ۽ استادن جي پريشانين کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. فيصلي جو لاڳو ٿيڻ سمورن سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۽ اسڪولن تي هوندو.