سجاول ۾ اسڪول کلڻ جي پھرين ڏينھن سيءَ سبب ٻارڙا غير حاضر، استاد ويهي ويهي موٽي ويا

news

سجاول: پهرين جنوري 2020ع اسڪول کلڻ جو پھريون ڏينھن،رڪارڊ ٽوڙ سيءَ سبب ٻارڙا غير حاضر، والدين پاران اسڪولن جون موڪلون وڌائڻ جون مطالبو.

سجاول ۾  سيءَ جو پنجاھ سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو پارو 8 ڊگري تي پھچي وڃڻ سبب ٻارڙا،پوڙھا توڙي نوجوان گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن.سخت سيءَ ڪري سياري جي موڪلن کان پوءِ اسڪول کلڻ جي پھرين ڏينھن اسڪولن ۾ حاضري 10سيڪڙو بہ نہ رھي.

شديد سردي ۾ والدين ٻارڙن کي اسڪول نہ موڪليو ۽ ٻارڙن جي نہ اچڻ سبب شھر جي مين پرائمري اسڪولن ۾ استاد ٻارڙن جي انتظار ۾ مچ ٻاري ڪچھرين ۾ مصروف رھيا.ٻئي طرف والدين علي ملاح،بابو،نذير احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته سي تمام گھڻو آھي ۽ اسان غريب ماڻهو آھيون سخت سيءَ ۾ ٻارڙن کي اسڪول موڪلي اسان کي پنھنجا ٻار بيمار ڪرڻا نہ آھن.

ھنن چيو تہ ھيٽر وارن گرم ڪمرن ۾ ويھي پاليسيون ٺاھيندڙ ڪامورن کي بنا ڇت وارن ڪمرن ۽ پيرن اگھاڙن ٻارڙن جو ڪو احساس نہ آھي جڏھن تہ ملڪ جي ٽن صوبن ۾ سياري جو موڪلون وڌايون ويون آھن.

ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ موسميات کاتي جي پيشنگوئي مطابق متوقع برساتن ۽ شديد سيءَ پوڻ کي نظر ۾ رکندي اسڪولن جون موڪلون وڌايون وڃن ۽ غريبن جي معصوم ٻارڙن کي بيمار ٿيڻ کان بچايو وڃي.