نئين سال مان گذري ويل سال ۾ واپس موٽندڙ ماڻهو

news

حيدرآباد: هر گذرندڙ وقت اسان جي زندگي مان جڏهن نڪري ويندو آهي ته ٻيهر واپس ناهي ايندو ۽ ايستائين سائنسدان وقت جو سفر ڪندڙ مشين به تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.

ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته ڪجهه ماڻهو 2020ع مان ٽپو پئي واپس 2019ع ۾ هليا ويندا؟

گهٽ ۾ گهٽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس سفر ڪندڙ ماڻهن سان اهو ضرور ٿيو آهي.

بلڪل صحيح، نيپون ايئرويز جي اڏام اين ايڇ 106 جي مسافرن سان اهو حيرت انگيز واقعو پيش آيو ۽ هو 2020ع کان اڏام ڀري واپس 2019ع ۾ هلي ويا.

هوائي اڏامن تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ فلائيٽ راڊار 24 هڪ ٽوئيٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته اين ايڇ 106 ٽوڪيو کان پهرين جنوري جي رات 12 لڳي 24 منٽن تي اڏام ڀري، يعني ان وقت مسافر نئين سال جو آغاز ڪري چڪا هئا.

اها اڏام لاس اينجلس ۾ 31 ڊسمبر جي شام 5 وڳي جي ويجهو لينڊ ٿي، ڇو ته ٽوڪيو ۽ لاس اينجلس جي وقت ۾ 17 ڪلاڪن جو فرق آهي.

اها اڏام 9 ڪلاڪ 55 منٽن ۾ ٽوڪيو کان لاس اينجلس پهتي هئي ۽ 2020ع کان ٽپو پئي هڪ دفعو وري 2019ع سال ۾ هلي وئي.

يعني هن اڏام ۾ سوار ماڻهو 2 ڀيرا نئين سال جو جشن ملهايو هوندو.

ائين اها هڪڙي اڏام نه هئي، ايئر نيوزيلينڊ جي اڏام اي اين زي 40 جي مسافرن کي به اهو موقعو مليو. اها اڏام آڪلينڊ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ بحرِ اوقيانوس ۾ فرانسيسي پولينيشيا جي گادي واري هنڌ پاپيٽي رواني ٿي هئي. پهرين جنوري تي رواني ٿي 31 ڊسمبر تي پنهنجي منزل تي پهتي، ڇو ته ٻنهي جي وچ ۾ وقت جو فرق 23 ڪلاڪن جو هو.

يقيني طور هليو ويندڙ وقت واپس موٽي ناهي ايندو پر ان طرح جي عجيب ۽ غريب وقت جي حساب سان ائين ممڪن به ٿي ويندو آهي.