تائيوان ۾ فوجي هيليڪاپٽر تباهه، چيف آف جنرل اسٽاف سميت اٺ ڄڻا فوت

news

تائيوان: (خميس  02 جنوري 2020ع) تائيوان ۾ بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر  جي ڪريش لينڊنگ سبب چيف آف جنرل اسٽاف سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.

تائيوان جي بچاءُ واري وزارت موجب فوجي هيليڪاپٽر جو ايوي ايشن سان رابطو ڪاٽا ٿيڻ کان پوءِ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي هئي.

اختيارين موجب هيليڪاپٽر تائپي مان اتر اولهه شهر للن وڃي رهيو هو جتي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل شن يي منگ کي نئين سال جي تقريبن جي حوالي سان  ڪوٺايل پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.

ايئر فورس اختيارين موجب ڪريش ٿيندڙ هيليڪاپٽر ۾ تائيوان جو چيف آف جنرل اسٽاف سميت 13 ڄڻا سوار هئا. اختيارين موجب گادي واري شهر تائپي جي جابلو علائقن ۾ تباهه ٿيندڙ هيليڪاپٽر ۾ سوار 5 ڄڻا محفوظ رهيا.

بچاءُ واري وزارت جي اختيارين موجب هيليڪاپٽر حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. فوتين ۾ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل شن يي منگ به شامل آهي.